تنوير شاهه محمد زئي

تنوير شاهه محمد زئي: پنجاب جي سرائيڪي ادب جي شاعر ۽ افسانا نگار جو اصل نالو محمد تنوير اختر (چسني خان) ولد محمد اختر خان آهي. هي 1 مارچ 1960ع تي ڳوٺ ليه تحصيل ڪوٽ ادو ۾ ڄائو. تعليم ميٽرڪ تائين اٿس. هي صحافت جي حوالي سان روزنامه پاڪستان جو نمائندو ۽ سانول سنگت پاڪستان جو چيف آرگنائيزر آهي. سندس ادبي سڃاڻپ افسانه نگار ۽ انشائيه شاعري آهي.
هن کي پي. ٽي. وي پاڪستان تان (ملي گيت) تي خاص انعام 1991ع ۾ مليو آهي. سندس ڪتاب ۾ ”غم جانان“ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ”هڻ ته سانول گھر دو ول آ“ (شاعري)، ”ساڊي عظمت دا ڪهوالا“ (ملي گيت) ۾ موجود آهن. هي هن وقت تحصيل ڪوٽ ادو ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.03.01  عيسوي

تنوير شاهه محمد زئي 1 مارچ 1960ع تي ڳوٺ ليه تحصيل ڪوٽ ادو ۾ ڄائو .



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آزاد بخاري
شفيع محمد ٻگهيو استاد
تلسيداس
غلام مصطفي سولنگي 1
ٻڍل لاشاري
پئبلو نرودا
ارشاد سومرو
آندل فقير
امر پيرزادو
سعيد سومرو
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون